اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 3 ڏينهن جي دوري تي آزاد ڪشمير ۾ موجود آهي جتي هو اڄ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو. والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڀاڻي عام جلسو به ٿيندو.صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل ڪشمير تڪراري علائقو آهي. والاريل خطي ۾ جي 20 اجلاس عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هڪ ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ سان ڪشمير جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت يو اين اي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. ڀارتي قدمن سان ان جي اصل شڪل سامهون ايندي.