پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان آمريڪي عهديدار ڊيرڪ شول جي ملاقات

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اعليٰ آفيسر ڊيرڪ شول، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري پشاور ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪيو.واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڊيرڪ شول پشاور جي مسجد ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو.ڊيرڪ شول چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي.