پنجاب جي وزيراعليٰ پنهنجي زمين پنهنجو گهر اي پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي زمين پنهنجو گهر اي پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پنجاب جي 19 ضلعن ۾ 23 هائوسنگ اسڪيمن ۾ 2 هزار پلاٽ ڏنا ويندا، پنهنجي زمين پنهنجو گهر پروگرام جي تحت بي گهر شهرين کي 3 مرله جا پلاٽ مفٽ ۾ ڏنا ويندا. قرعه اندازي ۾ پلاٽ حاصل ڪندڙ خوشنصيب قرض حاصل ڪري سگهندا، پهرين مرحلي ۾ جهلم، پتوڪي، مامون، ڪانجن، لودهران ۽ ريناله خورد ۾ مفت پلاٽ ڏنا ويندا. افتتاحي تقريب ۾  وزيراعليٰ مريم نواز بٽڻ دٻائي منصوبي جي اي پورٽل جو افتتاح ڪيو. جنهن جي ذريعي شهري مفت پلاٽ جي لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندا،  انهي موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته پهرين مرحلي ۾ 2000 ماڻهن کي مفت پلاٽ ڏنا ويندا. انهي موقعي تي مريم نواز چيو ته پنهنجي ڇت پنهنجو گهر پروگرام منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، بي گهر ماڻهن کي ڇت جي فراهمي نوازشريف جو ويزن آهي، ڇهن مهينن جي وقت ۾ تقريبن 34 هزار تيار ٿي رهيا آهن، 2 هزار گهر مڪمل به ٿي چڪا آهن. منصوبي جي لاءِ آسان ترين قسط ۽ 3 مهينن جو گريس پيريڊ رکيو ويو آهي، قرض جي واپسي به شروع ٿي چڪي آهي، پنهنجي گهر جي تحفظ جو احساس ملندو آهي، عام ماڻهو جي لاءِ گهر حاصل ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، هن چيو ته هڪ کان 10 مرله تائين پلاٽ جا مالڪ قرض جي لاءِ اپلائي ڪري سگهن ٿا.