پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف کي لاهور ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پنجاب حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف کي لاهور ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ڪجهه دير کان پوءِ انهي جو باقاعده اعلان به ڪيو ويندو.ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ کي جلسي جي لاءِ مينار پاڪستان جي بجاءِ لاهور ۾ ڪا ٻئي جڳهه ڏيڻ جو امڪان آهي ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر لاهور جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو جنهن ۾ پوليس رپورٽن ۽ اسلام آباد جلسي کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي حوالي سان تجويزن تي غور ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر لاهور پنجاب پوليس کان جلسي جي حوالي سان رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي ۽ عدالتي حڪمن موجب ڊي سي لاهور جلسي جي اجازت بابت 6 وڳي تائين فيصلو ڪندو.ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ اڄ صبح جو تحريڪ انصاف جو جلسو روڪرائڻ جي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي هئي ۽ حڪومت کي جلسي جي اجازت بابت شام 5 وڳي تائين فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.