پنجاب سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي تربيلا، منگلا ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا سنڌ دشمن منصوبا جوڙيا: رياض چانڊيو

 جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پنجاب سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي تربيلا، منگلا ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا سنڌ دشمن ۽ ماحولياتي تباهي جا منصوبا جوڙيا آهن جنهن سان سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي. ڏاکڻين سنڌ جا چار ضلعا ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊومحمدخان معاشي طور تي تباهه برباد ٿي ويا آهن. پاڻي تي ايڏو وڏو ڌاڙو لڳڻ جي باوجود حڪمرانن جا پاڻي تي قبضا بند نه ٿيا وري هڪ ڀيرو ٻيهر هن فيڊريشن اندر نواز دور ۾ 91 جو پاڻي ٺاهه ٿيو ان ۾ به سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي.رياض چانڊيو چيو ته  سنڌو درياهه تي ڌاڙا، پاڻي ٺاهن جي توهين غيرقانوني قبضو ڊيم بند ڪئنال جوڙائڻ جو به ڊگهو داستان آهي. حڪمرانن سنڌ طاس معاهدي 1945 جي ڀڃڪڙي ڪندي تربيلا منگلا ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا سنڌ دشمن ۽ ماحولياتي تباهي جهڙا منصوبا جوڙيا جنهن سان ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي گهٽ رهڻ سبب دنيا جو ستون نمبر خوبصورت ڊيلٽا تباهه ٿي ويو، تمر جا لکين ايڪڙ ٻيلا ختم ٿي ويا. سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سڄو ايڪو سسٽم ختم ٿي ويو. سمنڊ تيزي سان  ڌوڪيندو اڳتي وڌي آيو آهي. اڄ انساني وجود خطري هيٺ آهي.هن چيو ته پهرين ڏينهن کان وٺي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ان جڙتو ٺاهه جي به شروعاتي ڀڃڪڙي نوازشريف پاڻ ڪئي. 1994ع ۾ بينظير پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ 91 ٺاهه تي عمل ڪندي وزارتي فارمولا تحت پاڻي پنجاب جي حوالي ڪيو. پنجاب 1995ع کان وٺي اڄ تائين ان فارمولي تحت پاڻي ورهائي پيو. مشرف ۽ زرداري جي دور ۾ بلوچن کي ڪڇي ڪينال جو  لالي پاپ ڏئي ٿل ڪئنال ون، ٿل ڪئنال ٽو، چاهه بهار ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڊيم ٺاهڻ جا منصوبا عمل ۾ آندا ويا. ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ جي سزا طور 91 جي ٺاهه جون ڏڄيون اڏايون ويون. 33 سالن تائين پنجاب 91 جي ٺاهه تي عمل نه ڪيو جنهن سبب اسان جي معيشت  تباهه ٿي وئي. روزگار کسجي ويو، عزت ڀري زندگي ختم ٿي وئي. هن ٺاهه کي هميشه لاءِ ختم ڪندي سرد خاني حوالي ڪيو ويو هاڻ ان کي دفنائڻ لاءِ زرداري جي موجودگي ۾ سنڌي ماڻهن جو  ازلي ويري موجوده زرداري مافيا پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ پاڻي کان سواءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمين هميشه لاءِ سنڌ واسين کان کسڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي آڻڻ ۽ وڌيڪ زمينون کسڻ لاءِ انيشٽو پاڪستان منصوبو آندو ويو آهي جنهن جي اسين مذمت ڪريون ٿا. سنڌ جو تيل گيس ڪوئلو، ڪارونجهر، کارسر، کير ٿل ڪينجهر سڄي ساحلي پٽي ڪاڇو ڪوهستان ۽ ٿر ڌارين ۽ ٻين غير ملڪين لاءِ جنت بڻايو ويو آهي.ان ڏس ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران 22 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ۽ 20 آڪتوبر تي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ لاءِ سياسي اڳواڻن، اديبن، صحافين، وڪيلن، شاعرن، واپارين، استادن، مزدورن زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن وٽ وينداسين ته اچو هن نازڪ مرحلي تي متحد ٿيون. هن گهڙي سنڌي قوم تي هي تاريخ جو فرض عائد ٿو ٿئي ته اهڙي ظلم تي ٻڌل ڌارين جي هٿرادو جنت واري سسٽم جو انڪار ڪن. اسان تي اهو فرض آهي ته اسين پنهنجي وطن پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجو وجو د بچائڻ لاءِ پرامن جدوجهد ڪريون.