لاهور: مسلم ليگ(ن) پنجاب اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو. مسلم ليگ(ن) پنجاب جي سمورين سيٽن تان پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. نوازشريف جي شهباز شريف ۽ مريم نواز سان پنجاب اسيمبلي چونڊن تي ڳالهيون ٿيون.پارٽي ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) پنجاب جي سمورين سيٽن تان پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مريم نواز سموري پنجاب ۾ اميدوارن جي چونڊ تي سفارشون نواز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ جي حتمي اميدوارن جي چونڊ پارلياماني بورڊ جي سفارشن ۽ انٽرويو کان پوءِ ٿيندو. نوازشريف پارلياماني بورڊ جي پاڻ صدارت ڪندو. ذريعن موجب نوازشريف ڳالهين ۾ چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏنا ويندا. هن يقين ڏياريو آهي ته پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ وقت نظرياتي ڪارڪنن کي نظرانداز نه ڪندي.