پنجاب ۾ برسات سبب 15 ڄڻا فوت، 101 زخمي ٿيا: پي ڊي ايم اي

 ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز طوفان برسات سبب فوتين جو انگ 15 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 101 زخمي ٿي پيا آهن. پراونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران مختلف حادثن ۾ 15 ڄڻا فوت  ۽ 101 زخمي ٿي پيا. پي ڊي ايم اي موجب جهلم ۾ 2 ڄڻا فوت، 32 زخمي ۽ لاهور ۾ آسماني کنوڻ ۽ ڇت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿيا، انهي کان علاوه راولپنڊي، سيالڪوٽ، شيخوپوره، گوجرانوالا، ميانوالي ۾ به فوتگيون رپورٽ ٿيون. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ تيز هوائن ۽ ڳڙو پوڻ سبب فصلن ۽ بجلي جي ورهاست وارين لائنن کي سخت نقصان پهتو پر جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي، صوبي ۾ 113 کان وڌيڪ بجلي جا فيڊر ٽرپ ٿي ويا.