پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، علي پور، بهاوالنگر ۽ ڪبير والا ۾ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ

لاهور: پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، علي پور ۾ سپر بند ٽٽڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. موضع عظمت پور جي ويجهو بند ٽٽڻ سان وڏي پيماني تي پاڻي داخل ٿي ويو، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ سان لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا.بهاوالنگر ۾ به ٻوڏ جي شدت وڌيڪ آهي، جتي 143 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. ٻوڏ سبب علائقي ۾ گهر، فصل ۽ ٻيا ضروري وسيلن تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري مقامي ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه وٽ پاڻي جي سطح ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي، پر مٿانهين درجي جي ٻوڏ اڃا تائين برقرار آهي ۽ وڌيڪ علائقن ۾ پاڻي اچڻ جو خطرو موجود آهي.هوڏانهن راوي درياءَ جي مائي صفوران بند مان نڪرندڙ ٻوڏ وهڪرن ڪبير والا جي 40 ڳوٺن کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. ان علائقي ۾ تقريباً 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، جڏهن⁠ته فصل، گهر ۽ ڪيترائي سرڪاري ادارا به متاثر ٿيا آهن.