پنجاب ۾ ٻوڏ جاري، جلالپور پير والا ۽ ملتان ۾ ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور

ملتان: پنجاب ۾ ٻوڏ دوران نقصان جو سلسلو جاري آهي، جلالپور پير والا کي وڏي ٻوڏ وهڪري گهيري ورتو آهي، جنهن سبب مقامي ماڻهن جو لڏ پلاڻ شروع ٿي ويو آهي. چناب درياءَ جي ٻوڏ جي پاڻي سان ڀرجڻ سبب ملتان جي تعلقي ۾ پڻ هنگامي بنيادن تي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. هن دوران ٻيڙيون اونڌيون ٿيڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 3 ماڻهو فوت ۽ 9 ماڻهو گم ٿي ويا آهن. ٻوڏ سبب پنجاب ۾ 21 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿي چڪا آهن. ملتان جي سي پي او صادق علي ڊوگر چيو ته جلالپور پير والا کي بچائڻ لاءِ ٺاهيل عارضي بند تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي ۽ آبادي کي شهر مان تيزي سان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. جلالپور پير والا جي چوڌاري تقريباً 90 سيڪڙو علائقا پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن. ٻئي طرف پي ڊي ايم اي جو جلالپور پير والا ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺهيا چيو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن کي راشن ۽ ٻيو ضروري سامان پهچايو پيو وڃي. پاڪ فوج جي مدد سان 4 هيليڪاپٽرز ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. جلالپور پيرواله ۾ ٻوڏ سبب 138 جڳهيون متاثر ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته تقريباً 7 لک 6 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. عرفان علي ڪاٺهيا ٻڌايو ته ملتان ۾ 3 لک 62 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.