حڪومت 5 ڏينهن تائين شادي هال، ڪيفي، ريسٽورنٽ ۽ اسنوڪر ڪلب بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جون تياريون جاري آهن، جاڙن شهرن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پلان تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين شادي هال، ڪيفي، ريسٽورنٽس ۽ اسنوڪر ڪلب بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.پوليس واپارين، هوٽل ۽ ريسٽورنٽ مالڪن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، کانئن شورٽي بانڊ طلب ڪندي چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.جاڙن شهرن ۾ ايس سي او ڪانفرنس کي ڏسندي 14 کان 16 آڪٽوبر تائين عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا.