پنهنجي حياتيءَ ۾ بلاول کي ملڪ جو وزيراعظم ڏسڻ چاهيان ٿو: آصف زرداري

نوابشاهه: پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو بلاول ڀٽو کي ملڪ جو وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو.نوابشاهه ۾ اڳوڻي صدر سان بلدياتي نمائندن ملاقات ڪئي، ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته سندس خواهش آهي ته بلاول پاڪستان جو وزيراعظم ٿئي.هن چيو ته پنهنجي حياتي ۾ بلاول کي وزيراعظم ڏسڻ چاهيان ٿو، ملڪ بچائڻ لاءِ عمران خان کي ڪڍيو، پ پ موجودا حڪومت جي اتحادي آهي، پ پ جي حڪومت آئي ته ماڻهن کي روزگار ڏينداسين.آصف زرداري چيو ته شهيد بينظير آباد ۾ ترقياتي ڪمن جي شروعات ٿي وئي آهي، برساتن ۽ ٻوڏ دوران اسان متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي، هن مڪاني نمائندن کي هدايتون ڪندي چيو ته ايندڙ نسل جي روشن مستقبل لاءِ محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪريو.