پنوعاقل جي ڳوٺ لعل محمد ڪلهوڙي جي رهواسي زاهد ڪلهوڙي پنهنجي گهرڀاتين سميت نيشنل پريس ڪلب آڏو وياج خور جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي زاهد ڪلهوڙي سندس گهرواري رخسانه ڪلهوڙي جو چوڻ هو ته پنو عاقل جي بدنام وياج خور اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنھن کان ٽي سال اڳ ڪاروبار لاءِ 4 لک رپيا ورتا، هاڻي هو 14 لک رپيا گهري رهيو آهي، اسان کيس ٽن سالن کان هر مهيني 40 هزار رپيا ڏيندا پيا اچون، اسان انهي حساب سان سمورا پئسا ڏئي چڪا آهيون، ان باوجود اسان تي وياج خور ڪيترائي ڀيرا حملا ڪري چڪو آهي ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري اسان جو گهر ۾ رهڻ يا ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر وياج خور خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.