3 ميچز تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 73 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميزبان نيوزيلينڊ مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنسون ٺاهيون، مارڪ چيمپين 132 ۽ ڊيرل مچل 76 رنسون ٺآهي نمايان رانديگر رهيا. نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ نيپيئر ۾ کيڏيو ويو جتي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. جنهن مقرر اوورن ۾ 345 رنسن جو حدف ڏنو. حدف جي تعاقب ۾ پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات اونپر عبدالله شفيق ۽ عثمان خان ڪيو پر اوپننگ پارٽنرشپ ٽيم لاءِ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي. اوپنر عثمان خان 39 ۽ عبدالله شفيق 36 رنسن تي نيوزيلينڊ جي رانديگرن جو شڪار ٿي ويا جنهن کان پوءِ پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ ڪپتان محمد رضوان جي صورت ۾ 30 رنسن تي ڪري پئي. 3 وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ قومي ٽيم جي بيٽسمين بابر اعظم ذميوارانه بيٽنگ ڪئي پر بابر 83 بالن تي 78 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. بابر اعظم کان پوءِ قومي ٽيم جون سموريون وڪيٽون هڪ ٻئي جي پٺيان ڪرنديون رهيون، طيب طاهر 1، عرفان خان ٻڙي، نسيم شاهه ٻڙي، حارث رئوف 1، عاڪف جاويد 1 ۽ محمد علي ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويا سموري پاڪستان جي ٽيم 44 اوورن جي هڪ بال تي 271 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.