ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير پي چدمبرم پهلگام حملي جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته انهي واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو ڪوبه ثبوت موجود نه آهي پر حملي آور اصل ۾ ڀارتي شهري هئا جن ڀارت جي اندر ئي دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي پي چدمبرم ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته حڪومت بنا ڪنهن ثبوت جي اهو فرض ڇو ڪري رهي ته حملي آور پاڪستان مان آيا هئا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ثبوت ڇو نه پيش ڪيا ويا؟ هن چيو ته هينئر تائين نه ته حملي آورن جي سڃاڻپ ڪئي وئي نه ئي ڪا واضح گرفتاري سامهون اچي سگهي آهي
والاريل ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ اپريل 2025 ۾ ٿيل انهي حملي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا هئا جنهن کان پوءِ ڀارت آپريشن سندور جي نالي سان جوابي ڪارروائي شروع ڪئي پر 3 مهينا گذرڻ جي باوجود جاچ مڪمل نه ٿي سگهي آهي چدمبرم جي انڪشاف کان پوءِ ڀارت طرفان پاڪستان تي لڳايل الزامن تي سواليه نشان لڳي ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان نه صرف انهي حملي جي سخت مذمت ڪئي هئي پر شفاف ۽ گڏيل جاچ جي لاءِ تعاون جي به آڇ ڪئي هئي.