وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي اسان جي لائف لائن آهي، ڀارت اڳرائي ڪئي ته 2019 جيان سختي سان جواب ملندو، اسان پهلگام واقعي جي اڻڌري جاچ ۾ تعاون لاءِ تيار آهيون. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي پروقار تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جي هٿياربند فوج تنظيم اتحاد ۽ قومي مفادن جي تڪميل ۽ عزم جو نشان آحن. پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي پيشوارانه صلاحيتن سبب وڏو نالو رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن جي قيام لاءِ پنهنجين ذميواريون کين چڱي ريت وقف آهي گڏيل قومن جي چارٽرڊ موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته افغانستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي حوالي سان نائب وزيراعظم ڪابل جو دورو ڪيو. افغانستان سان پرامن ۽ مستحڪم تعاون چاهيون ٿا. افغان حڪومت فتنه الخوارج جي هٿن ۾ پنهنجي زمين جو استعمال روڪي. شهباز شريف ڀارت سان ڇڪتاڻ واري صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جي لاءِ اهميت جوڳو آهي اهو عالمي سطح تي تڪراري علائقو آهي. ڪشميري عوام کي سندن حق ڏيڻا پوندا. پاڪستان هميشه هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ڳرو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو، دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن جون قربانيون ناهن، اسان جي پاڙيسري ملڪ طرفان بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام هنيا ويا. وزيراعظم چيو ته پهلگام واقعي تي بي بنياد الزامن جو سلسلو شروع ڪيو ويو، پاڪستان پهلگام واقعي جي اڻڌري جاچ ۾ تعاون جي لاءِ تيار آهي. هن ٻن لفظن ۾ چيوته پاڻي اسان جي زندگي آهي انهي تي ڪوبه سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو. ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي ڪئي وئي ته فيبروري 2019 جيان سختي سان جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي هر ڪوشش کي قومي طاقت سان جواب ڏينداسين. امن اسان جي خواهش آهي انهي کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. قومي وقار ۽ مفاد جي خلاف هر قسم جي اڳرائي جو مقابلو ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته ڀارت طرفان پهلگام واقعي تي لڳايل الزام بي بنياد آهن جن جو ڪوبه ثبوت ناهي، پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو. پاڻي پاڪستان جي بقا جو مسئلو آهي انهي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ممڪن نه آهي. فلسطين جي معاملي تي وزيراعظم اسرائيلي ظلمن جي سخت مذمت ڪئي ۽ عالمي طاقتن کان مطالبو ڪيو ته اهي غزه ۾ جاري انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪرائين، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون وڌي رهيون آهن، سرمائيڪاري ۾ اضافي ۽ اقتصادي ترقي تي ڌيان آهي.