پيرجوڳوٺ لڳ منٿلي نه ڏيڻ تي مقامي زميندار جي ڪيلن جي باغ مان نامعلوم جوابدار ڪيلن جا گوشا ڪٽي ويا

پيرجوڳوٺ لڳ منٿلي نه ڏيڻ تي مقامي زميندار جي ڪيلن جي باغ مان نامعلوم جوابدار ڪيلن جا گوشا ڪٽي ويا اين سي داخل ڪرائي وئي رپورٽ موجب پيرجوڳوٺ لڳ فال موري ڀرسان وڏا مھيسر ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم جوابدار مقامي زميندار عبد القيوم سنديلو جي ڪيلن جي باغ مان تيار ٿيل 70 کان 80 گوشا ڪيلن جا سنگ وڍي اڇلائي ويا مقامي زميندار پاران وڏا مھيسر ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي ان ڏس ۾ زميندار جو چوڻ هو ته مختلف وقتن تي منٿلي نه ڏيڻ تي ڌاڙيلن جون چٺيون اينديون رهيون آهن ۽ نه ڏيڻ تي ڪڏهن انبن جا وڻ وڍي ويندا آهن ڪڏهن ليمن جا ڪڏهن زيتونن جا ته ڪڏهن وري ڪيلن جي باغ مان سنگ گوشا وڍي لکين رپين جو نقصان ڪري ويندا آهن ان موقعي تي ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي منٿلي گهرندڙ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،