پير نورالحق قادري خلاف بغاوت جو ڪيس داخل

پي ٽي آءِ جي اڳوڻي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري خلاف خيبرپختونخواهه ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس خيبر ضلعي ۾ جمرود جي علائقي شاڪس جي رهواسي 22 جون تي داخل ڪرايو. داخل ڪيل ڪيس جي ايف آءِ آر جي متن موجب پير نورالحق قادري پاڪ فوج ۽ اعليٰ عدليه خلاف غير اخلاقي لفظ استعمال ڪيو. هن شهرين کي پاڪ فوج ۽ اعليٰ عدليه خلاف ڀڙڪايو ۽ پاڪ فوج مرده باد جا نعرا لڳرايا.واضح رهي ته نورالحق قادري هن وقت حج تي ويل آهي ان جو نالو فلائي لسٽ ۾ وڌو ويو هو جيڪو بعد ۾ ڪڍيو ويو.گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ نورالحق قادري جو نالو فلائي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي هئي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو هو ته نورالحق قادري جو نالو فلائي لسٽ ۾ نه آهي هو ٻاهر وڃي سگهي ٿو ۽ سفر به ڪري سگهي ٿو.