پيٽروليم شيون مهانگيون، حڪومت نيون قيمتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: وفاقي حڪومت هلندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن بابت نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تحت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي۔

تفصيلن موجب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، خاص طور ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن تي اثر پيو آهي، جنهن جا اثر پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن تي ظاهر ٿيا آهن۔

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق 16 فيبروري کان ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 258 رپيا 17 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔

ساڳئي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 32 پيسا في لٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 275 رپيا 70 پيسا في لٽر ٿي وئي آهي۔

حڪومت جي فيصلي کانپوءِ عوامي حلقن طرفان ملي جلي ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ ۽ روزمرهه استعمال جي شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جا خدشا به ظاهر ڪيا پيا وڃن۔