پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان: اوگرا قيمتن ۾ لاٿ جي تجويز ڏئي ڇڏي

آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جي تجويز ڏئي ڇڏي. اڱاري تي قيمتون گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ بابت سمري وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. اوگرا طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 7 کان 10 روپيه في ليٽر تائين لاٿ جي تجويز ڏني وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيه في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار اوگرا سفارشن تي وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت ڪندو. پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو سومر جي ڏينهن ڪيو ويندو. ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 15 مئي کان پوءِ لاڳو ٿينديون.