پيپلزپارٽي جا اڳواڻ پريالوء ۾ عوام سان گڏ، لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ پهتا

پريالوء (رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني اوڍا برادري جي چڱي مڙس امان الله اوڍو سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي ڳوٺ قائم الدين اوڍو ۾ پهچي تعزيت لاءِ دعا گهري. ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي پريالوء جو ڪائونسلر سيد اشفاق شاهه، پ پ هاري ڪاميٽي جو اڳوڻو صدر غلام شبير نوهاڻي، پ پ يوسي ڪوٽ مير محمد جو صدر حاجي عبدالستار ڀٽو ۽ ضمير حسين ڪانھر پڻ ايم اين اي سان گڏ موجود هئا. ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خوشي ۽ غم ۾ گڏ رهي آهي. هن چيو ته شهيدن جي پارٽي جو فلسفو اهو آهي ته ڏکئي وقت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن هر حال ۾ عوام سان گڏ بيٺل آهن ۽ اهو ئي پارٽي جي اصل سڃاڻپ آهي.