سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڪيل ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته انهي جي قيادت متاثر خاندانن جي لاءِ اُميد جي روشني آهي. پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو عوام جي ڏک تڪليف کي پنهنجو سمجهندو آهي، پيپلز پارٽي سندس قيادت ۾ متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهندي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو موقف عوام دوستي جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهائي انهي جي قيادت جي روشن مثال آهي. بلاول ڀٽو هميشه مشڪل وقت ۾ عوام جو ساٿ ڏنو ۽ اڄ به انهي جي اولين ترجيح غريب هاري ۽ ٻوڏ متاثر خاندان آهي. سينئر وزير چيو ته بلاول ڀٽو جي مطالبي تي وفاقي حڪومت طرفان ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان خوشي جوڳو آهي، پر هينئر تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت رليف پيڪيج جو اعلان نه ٿيڻ افسوسناڪ آهي. هن ياد ڏياريو ته وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو کي انهي پيڪيج جي حوالي سان ذاتي يقين ڏياريو هو پر گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ خاص طور تي ڏکڻ پنجاب جي عوام اڃان به انهي جي اوسيئڙي ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين صحيح نشاندهي ڪئي ته گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان عالمي امداد جي اپيل ۾ دير برداشت نه ڪرڻ جوڳي آهي. پيپلز پارٽي هر فورم تي عوام جي آواز بڻجندي ۽ ايوانن ۾ قراردادون آڻي متاثرين جي بحالي کي قومي ايجنڊا بڻايو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي متاثر علائقن جا دورا ڪيا جنهن کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي وزير زراعت سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن هارين جي بحالي لاءِ عملي منصوبه بندي ڪري سگهجي. هن چيو ته زرعي شعبو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، هارين کي ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهارڻ بلاول ڀٽو زرداري جو وزن آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ وفاقي حڪومت کان به تعاون جي اميد رکي ٿي.