اسلام آباد ۾ اطلاعات ۽ نشريات جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پيڪا ايڪٽ تحت صوبن ۾ 372 ڪيس غيرقانوني طور تي داخل ڪيا ويا آهن۔ اجلاس ۾ ميمبرن کي ٻڌايو ويو ته پيڪا ايڪٽ ۾ تازي ترميم کان پوءِ صوبائي ادارا هاڻ اهڙا ڪيس داخل ڪرڻ جا مجاز ناهن، ۽ مستقبل ۾ سڀ ڪيسز اين سي سي آءِ اي ڏانهن منتقل ڪيا ويندا۔ ڪميٽي جي چيئرمين وضاحت ڪئي ته ”جيڪي به ڪيسز صوبا داخل ڪري رهيا آهن، اهي قانوني طور غلط آهن، هاڻ انهن جو ڇا ٿيڻ گهرجي، اهو اهم سوال آهي۔“ ڪميٽي جي ميمبرن به خدشو ظاهر ڪيو ته اهڙا ڪيسز شهرين سان گڏ صحافتي برادريءَ لاءِ به پريشاني جو سبب بڻجي رهيا آهن۔ اجلاس دوران صحافين خلاف داخل ڪيسز جا تفصيل به پيش ڪيا ويا۔ اطلاعات واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ پيڪا ايڪٽ تحت 19 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پر انهن مان هڪ به ڪيس صحافين جي خلاف ناهي۔ جڏهن ته اين سي سي آءِ اي جي سطح تي مجموعي طور 1214 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن مان 10 صحافين خلاف آهن۔ اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ 373 ڪيسز صوبا داخل ڪري چڪا آهن، جيڪي هاڻي قانوني حيثيت ۾ غير درست آهن ۽ سڀ وفاقي ايجنسي ڏانهن اماڻيا ويندا۔