پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت خلاف ميچ دوران جانبدار رويو اختيار ڪرڻ تي ميچ ريفري اينڊي پائڪرافٽ کي ايونٽ مان هٽائڻ تائين وڌيڪ ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پي سي بي پنهنجي موقف بابت آءِ سي سي ۽ اي سي سي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب 17 سيپٽمبر تي يو اي اي خلاف شيڊول ميچ پڻ ان شرط سان مشروط ڪيو ويو آهي.جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميچ ريفري ڀارتي وينيُو مينيجر جي چوڻ تي قومي ڪپتان سلمان علي آغا کي ٽاس کانپوءِ ڀارتي ڪپتان سان هٿ ملاڻ کان روڪيو. آءِ سي سي قاعدن مطابق ميچ ريفري سڌي طرح رانديگرن کي هدايت نه ٿو ڏئي سگهي.واضح رهي ته ڀارتي رانديگرن پاڪستان کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ قومي رانديگرن سان هٿ نه ملايو ۽ سڌو ڊريسنگ روم هليا ويا، جنهن تي سلمان علي آغا اختتامي تقريب ۾ به شرڪت نه ڪئي.