دفاع واري وزير خواجه آصف پي ٽي آءِ طرفان 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج جي سڏ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته وفاق تي يلغار روڪڻ جي لاءِ رياست جي پوري طاقت استعمال ٿيندي.وفاقي راڄڌاني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته هي اسلام دشمن طاقتن جو ايجنٽ آهي، اوهان ڏسو هن ڪڏهن به دهشتگردي جي مذمت ناهي ڪئي، پوءِ ڀلي دهشتگردي بلوچستان ۾ هجي، افغانستان يا سرحد پار کان ڪي پي ۾ ٿي رهي هجي، پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت واري دور ۾ هزارين جي تعداد ۾ دهشتگردن کي پاڪستان آڻي هتي ترسايو.هن چيو ته پاڪستان جي تباهي جو سامان عمران خان مهيا ڪيو، اوهان ڏسو ته عمران خان کان سواءِ هنن جي ٻئي ڪابه گهر نه آهي. نه هنن کي ملڪ جي فڪر آهي نه ملڪي ترقي سان هنن جو ڪو واسطو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ ترقي طرف وڌي رهيو آهي، سرمائيڪاري بحال ٿي رهي آهي، مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي وئي آهي. 460 ارب روپين جو بجلي ۾ رليف مليو آهي، ڪوبه اهڙو شعبو نه آهي جنهن ۾ شهباز شريف جي قيادت ۾ بهتري نه آئي هجي، انهي جو رستو روڪڻ چاهيون ٿا. خواجه آصف چيو ته هنن جي ذهن ۾ اهڙي پاڪستان جو ڪوبه وجود نه آهي جنهن ۾ عمران خان حڪمران نه هجي. جهڙي شاندانه گلزار چيو هو ته خان ناهي ته پاڪستان ناهي، پي ٽي آءِ جي به ساڳئي ڊيفينيشن آهي ته خان ناهي ته پاڪستان ناهي، هي جيڪو ڊي چوڪ تي احتجاج جو سڏ آيو آهي، انهي جي پٺيان به هڪ نظريو ۽ ذهني ڪيفيت آهي.هن چيو ته جيڪڏهن اسٽيلشمينٽ اقتدار ۾ هنن جي مدد ڪري، هنن کي اقتدار ۾ آڻڻ جي لاءِ سازشون ڪري ته ان وقت هي چون ٿا ته آرمي چيف اسان جو پيءُ آهي ۽ ڪوبه فوج جي خلاف ڳالهائي ته ان بابت مختلف قسم جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. پر اڄ پي ٽي آءِ باني پاڻ جيل مان آرمي چيف ۽ فوج جي خلاف ٽوئٽ ڪيو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڪهڙو شخص آهي. جنهن جا ڪيترائي چهرا آهن.