پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر سرفراز چيمه خلاف عورت کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل

گوجرانوالا: تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه خلاف عورت کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب گوجرانوالا ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه خلاف ککهڙ ٿاڻي ۾ مهوش نالي عورت جي مدعيت ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عورت چيو آهي ته جوابدار عمر سرفراز چيمه ۽ تنوير صفدر جي چوڻ تي مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن فاروق، قدوس، صادق، ذيشان ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي منهنجي فصل کي به تباهه ڪيو. جوابدارن تشدد جو نشانو بنائيندي ڪپڙا به ڦاڙيا انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.