پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير زلفي بخاري جا گرفتاري وارنٽ جاري

عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير زلفي بخاري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد شبير زلفي بخاري جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا. ذوالفي بخاري خلاف گولڙه ٿاڻي ۾ دهشتگردي سميت مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته زلفي بخاري 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ به نامزد آهي جڏهن ته گذريل هڪ سال کان هو پرڏيهه ۾ ترسيل آهي.زلفي بخاري طرفان نيب کي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو هو. لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نيب جو ڪال اپ نوٽيس ملڻ جي اڄ خبر پئي آهي پرڏيهه ۾ هجڻ سبب پيش نٿو ٿي سگهان.نيب طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ شهزاد اڪبر ۽ ذوالفي بخاري کي 23 جون تي راولپنڊي نيب جي آفيس طلب ڪيو ويو هو.