پي ٽي آءِ جلسو: انتظاميه راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا رستا ڪنٽينرز لڳائي بند ڪري ڇڏيا

 پي ٽي آءِ جي سنگ جاني واري هنڌ تي جلسي عام جي  سلسلي ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي روڊن تي ڪنٽينرز لڳائي رنڊڪون بيهاريون ويون آهن.راولپنڊي کي اسلام آباد سان ملائيندڙ روڊ به بند ڪيا ويا. اولڊ ايئرپورٽ روڊ ڪورال چوڪ کان روات ٽي چوڪ ۽ جي ٽي روڊ کي مندره واري هنڌ تان بند ڪيو ويو آهي. فيض کان اسلام آباد کي ملائيندڙ رستو به بند ڪيو ويو جڏهن ته مريڙهه چوڪ تي به رنڊڪون بيهاريون ويون آهن.شهر جي اندر راجه بازار کان مري روڊ ۽ سيٽلائيٽ ٽائون، پيرودهائي کان آءِ جي پي روڊ کي ملائيندڙ رستا به بند ڪيا ويا آهن. ٽيڪسلا، جي ٽي روڊ، مارگلا سنگ جاني  وارو هنڌ به بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته 26 نمبر چورنگي جي ڀرسان به روڊ کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.ڪڻڪ گودام ۽ گولڙه موڙ چوڪ کي به رنڊڪون بيهاري بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته موٽر وي اولڊ ٽول پلازه ۽ ترنول ڦاٽڪ کي به ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آهي.راولپنڊي شهر کان ايڪسپريس وي ۽ مري روڊ ڏانهن نڪرندڙ سموريون گهٽيون به سيل ڪيون ويون آهن. مرڪزي روڊ بند ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل سوار مشڪل سان گذري رهيا آهن جڏهن ته شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ هلندڙ ميٽرو بس سروس به مڪمل طور تي بند آهي جڏهن ته اسلام آباد ۾ هلندڙ گرين بس ۽ بليو بس سروس به بند ڪئي وئي آهي. جڏهن ته موبائل  فون ۽ انٽرنيٽ سروس بحال آهي.ٻئي طرف اسلام آباد جي سمورن داخلي رستن کي به ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته بهاره کهو باءِ پاس کي به ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. سرينا چوڪ، ميريٽ چوڪ ۽ نادرا چوڪ به بند آهن. چٺه بختاور ۽ ترامڙي چوڪ کان ايندڙ رڊن کي به ڪنٽينرز لڳائي سيل ڪيو ويو آهي.بري امام کان سيڪريٽريٽ ڏانهن ايندڙ روڊ ۽ مري روڊ کان ايندي بني گالا ڏينهن ويندڙ رستي کي به بلاڪ ڪيو ويو  آهي. اسلام آباد جي مختلف اهم روڊن تي به رات دير سان ڪنٽينرز پهچايا ويا آهن. ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستن تي پوليس ۽ رينجرز جي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي.