پاڪستان تحريڪ انصاف جو سنگجاني ۾ ڪيل جلسي دوران حڪومت جا 5 ڪروڙ 92 لک 45 هزار روپيه خرچ ٿي ويا.ميڊيا رپورٽن موجب اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اسلام آباد جي علائقي سنگجاني ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ڪروڙين روپيه خرچ ٿيا، رنڊڪون بيهارڻ جي باوجود ڪارڪنن جو هڪ وڏو انگ جلسي واري هنڌ پهچي ويو هو.رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو جلسو حڪومت کي 5 ڪروڙ 92 لک 45 هزار جو پئجي ويو. آهي خرچ ڪنٽينرز ۽ اسلام آباد پوليس جي کاڌي جي مد ۾ ڪيا ويا آهن.ياد رهي ته 20 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ گڏيل طور تي 150 ڪنٽينرز پهچايا ويا هئا جنهن جو رينٽ 3 ڪروڙ 70 لک 50 هزار روپيه ٻڌايو ويو آهي.