پي ٽي آءِ جي جلسي ڀرسان هوٽل، گيسٽ هائوس بند، شرڪت ڪندڙن کي کاڌو ۽ رهائش ڏيڻ تي پابندي

 اسلام آباد جي علائقي سنگجاني ۾ اڄ ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي جلسي کي نظر ۾ رکندي جلسي گاهه جي چوڌاري سمورا هوٽل، دوڪانون ۽ گيسٽ هائوس بند رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.ذريعن موجب سنگجاني پوليس طرفان 7 کان 9 سيپٽمبر تائين سنگجاني ۾ هوٽل، گيسٽ هائوس ۽ ريسٽورينٽ کي بند رکڻ جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. انهي دوران ڪنهن به شخص کي رهائش، کاڌو يا ڪنهن به قسم جو سامان نه ڏنو ويندو.تحريڪ انصاف جي جلسي گاهه جي چوڌاري هوٽلون ۽ دوڪان بند ڪرڻ جو نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به شخص کي رهائش، کاڌو يا ٻئي ڪابه سهوليت نه ڏني وڃي.سنگجاني ٿاڻي طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي قيادت اڄ اسلام آباد ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي، انتظاميه طرفان 40 شرطن کان پوءِ پي ٽي آءِ کي جلسي جي لاءِ اين او سي جاري ڪئي وئي آهي.