اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان سميت 12 اسيمبلي ميمبرن جي بنيادي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي آهي.ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ميمبرن تي پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي، فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ ۽ پارٽي جي خلاف ووٽنگ جا الزام آهن. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا پيج تي به انهن ميمبرن جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهننوٽيفڪيشن ۾ جن جي رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي انهن ۾:وزيراعليٰ گلگت بلتستان گلبر خانشمس الحق لونراجا اعظمعبدالحميدامجد زيديحاجي شاهه بيگثريا زمانراجاناصر مقپون مشتاق احمددلشاهه بانوفضل رحي ٻئي طرف گلگت بلتستان جي اڳوڻي گورنر راجا جلال حسين مقپون کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جڏهنته سڀني ميمبرن کي پارٽي جو نالو، جهنڊو ۽ عهدا استعمال ڪرڻ کان به روڪيو ويو آهي.