پي ٽي آءِ عورت اڳواڻن طرفان جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪرڻ بابت مبينه آڊيو سامهون اچي وئي

پاڪستان : تحريڪ انصاف جي عورت اڳواڻن جي راولپنڊي ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪرڻ بابت مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي.مبينه آڊيو ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر فرح آغا پارٽي جي عورت اڳواڻن سان جي ايڇ ڪيو تي حملي بابت ڳالهيون ڪري رهي آهي.مبينه آڊيو ليڪ ۾ فرح آغا پي ٽي آءِ وومين ونگ جي عورت سان جي ايڇ ڪيو طرف وڃڻ جي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي.مبينه آڊيو ۾ اڳوڻي ايم پي اي فرح آغا پي ٽي آءِ جي ڪارڪن سيرينا کي چئي رهي آهي ته هاڻ جي ايڇ ڪيو پهچڻو آهي. مان نڪتي آهيان ڇو ته ميڊم ڪنول(اڳوڻي ايم اين اي ڪنول شوزب) به ٻاهر نڪري چڪي آهي. ڪنول شوزب چيو آهي ته جي ايڇ ڪيو طرف اچڻو آهي. جي ايڇ ڪيو وڃڻ جي لاءِ ڪنول شوزب چيو آهي ته اسان کي جي ايڇ ڪيو وڃڻو آهي. فيض آباد طرف پارٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ وڃي رهيا آهن.فرح آغا وڌيڪ چيو ته انٽرنيٽ نه پيو هلي سموريون سروسز بند آهن. آڊيو ليڪ ۾ فرح آغا پي ٽي آءِ وومين ونگ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فرخنده سان به ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته لياقت باغ واري جڳهه تي تمام گهڻي شيلنگ ٿي رهي آهي. پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي رهيو آهي. صدر وڃڻ جا رستا بند آهن. فيض آباد ۾ راشد حفيظ، شفيق ۽ سماويه آهن. سماويه سڀني کان اڳيان اڳيان آهي. ڪارڪنن طرفان پي ٽي آءِ ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي غير موجودگي جي اعتراض تي هن چيو ته لعنت اماڻيو انهن تي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف وومين ونگ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پلوشه عباسي جو به بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو هو ته جي ايڇ ڪيو تي حملي ۾ ڪنول شوزب جي سربراهي ۾ وومين ونگ ملوث آهي.