پي ٽي آءِ وارا پهريان گاريون ڏئي پوءِ پيرن تي هٿ رکي معافي گهرندا آهن، اسٽيبشلمينٽ کي رحم نه ڪرڻ گهرجي: فيصل واوڊا

 سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي خلاف جيڪو ڪم پي ٽي آءِ ڪيو اهوئي حڪومت ڪري رهي آهي، وزيراعظم ۽ اسپيڪر کي خبر ئي نه آهي ته ملڪ آٽو تي هلي رهيو آهي، حڪومت جيڪڏهن پنهنجي عورتن جو دفاع نٿي ڪري سگهي ته سائيڊ تي ٿي وڃي، پي ٽي آءِ وارا پهريان گاريون ڏيندا آهن، پوءِ پيرن تي ڪري معافي گهرندا آهن پر هاڻ اسٽيبلشمينٽ کي رحم نه ڪرڻ گهرجي.نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي فيصل واوڊا چيو ته علي امين گنڊاپور ايتري ڊگهي گڏجاڻي ڪري ويو آهي، پريس رليز کي ڪيئن مڃي وٺون، هن چيو ته حڪومت گرفتاريون ڪيون پر اسپيڪر چوي ٿو ته مون کي خبر نه آهي. وزيراعظم ۽ آءِ جي چون ٿا ته  اسان کي به خبر نه آهي. حڪومت جيڪو قدم کنيو آهي انهي تي هاڻ بيٺل رهي، حڪومت کي گهرجي ته جمهوريت ۽ آمريت جي راند نه کيڏي.هن چيو ته علي امين گنڊاپور اسلام آباد مان ڪيڪ، پيسٽري کائي ويو آهي، هاڻ سندس لاءِ گرم پيٽس  سان گڏ ڪريم به هوندي. علي امين گنڊاپور جو اڃان تائين ڪو وڊيو بيان ناهي ڏٺو. علي امين گنڊاپور ايتري ڊگهي گڏجاڻي ڪري ويو پريس رليز کي ڪيئن مڃون ته هو وڏو ڦني خان آهي. فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ جيڪو ڪم ڪري رهي آهي حڪومت به اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ساڳيو ڪم ڪري رهي آهي.جڏهن انهن کي گرفتار ڪري رهيا هئا تڏهن جمهوريت نه هئي، گرفتاريون ڪرڻ کان پوءِ جمهوريت ٿي وئي آهي، حڪومت سمورا الزام فوج تي وجهڻ واري راند نه کيڏي. حڪومت قدم کنيو آهي ته پنهنجي موقف تي قائم رهي. هي جڏهن پنهنجي گهر جي عورتن جو دفاع نه پيا ڪري سگهن ته ملڪ جي عورتن جو دفاع ڪيئن ڪندا؟ پي ٽي آءِ باني کي خبر هئي ته ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي، دنياوي ۽ قانوني طور تي پي ٽي آءِ باني کي جيل کان ٻاهر ايندي نه پيو ڏسان.