پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اعلان ڪندي چيو آهي ته مان بااختيار ماڻهن سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي رهيو آهيان، جيڪا ٻن نڪتن تي ڳالهائيندي ۽ جيڪڏهن منهنجي ٽيم کي راضي ڪيو ويو ته مان پوئتي هٽي ويندس.وڊيو لنڪ ذريعي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ميڊيا مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪئي وئي آهي پر حيرت آ ته انساني حقن جون تنظيمون به آواز نه پيون اٿارين، جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته تاريخ توهان کي معاف نه ڪندي، ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو ويو، انٽرنيٽ بند ڪئي وئي، هار مڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جيڪو به ڪيو مان ان لاءِ تيار ويٺو آهيان.عمران خان چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته قوم سپريم ڪورٽ جي ججن ڏانهن ڏسي رهي آهي ته توهان ئي ملڪ بچايو، جمهوريت لاءِ اسٽينڊ وٺو، جمهوريت کي بچائڻ توهان جي ذميواري آهي.سندس چوڻ هو ته اسان کي ڏکئي وقت ۾ صبر ڪرڻ گهرجي، قومن تي برا وقت ايندا آهن، قوم کي چوان ٿو غلامي ڪرڻ کان موت بهتر آهي، ڇو ته الله اسان کي ڪنهن جي غلامي لاءِ پيدا ناهي ڪيو.تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته مان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي رهيو آهيان، جيڪا ڪنهن به طاقتور سان وڃي ڳالهيون ڪندي ۽ جيڪڏهن انهن منهنجي ڪميٽي کي اهو سمجهائي ڇڏيو ته عمران خان بنا پاڪستان بهتر ٿي ويندو ته مان پوئتي هٽي ويندس، ٻيو جيڪڏهن انهن ٻڌائي ڇڏيو ته آڪٽوبر ۾ چونڊن سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ته به جدوجهد ختم ڪري ڇڏيندس.