پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي اسيمبلي ڇڏڻ کان منع ڪيو هو اڄ هو پاڻ به ڀوڳي رهيا آهن ته انهي سان گڏ ملڪ به ڀوڳي رهيو آهي، آئين جي بالادستي کان سواءِ پارليامينٽ سميت ڪوبه ادارو نٿو هلي سگهي. پي ٽي آءِ عمران خان جو ڪيس خوشي سان وڙهي پر پهريان ايوان ۾ اچي عوام جي خدمت ڪري.قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو ڪنڊڪٽ ڏسي هي ٻار سياستدان بنجڻ نه چاهيندا، اسان سياست کي هڪ گار بنائي ڇڏيو آهي اسان کي هن سياست ذريعي نوجوانن کي روزگار ڏيارڻو آهي اسان کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون آهن. جيڪڏهن وڏو وزير جلسي ۾ بيهي حڪومت ۽ عدليه کي گاريون ڏئي ته اهو پنهنجي صوبي جي عوام کي روزگار نٿو ڏئي سگهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ماحول خراب ڪيو هو، وڏو وزير مسئلا حل ڪرڻ جي بجاءِ جلسن ۾ گاريون ڏيندو ته اهو سياست چمڪائي رهيو آهي حڪومت ٽارگيٽ رکيو هو ته هڪ سال ۾ مهانگائي 12 سيڪڙو تائين آڻڻي آهي، هڪ سال کان اڳ ئي مهانگائي 9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين ڪجهه مهينن کان جيل ۾ آهي پي ٽي آءِ پنهنجي چيئرمين جو ڪيس عدالتن ۾ وڙهي پر هتي عوام جي خدمت ڪري. سياست کي هن وقت اتي پهچايو ويو آهي جو اڄ اسان هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ لاءِ به تيار نه آهيون. اهڙي طرح اختر مينگل جي فيصلي تي مون کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.بلاول چيو ته پي ٽي آءِ کي اسيمبلي ڇڏڻ کان تمام گهڻو منع ڪيو اڄ پاڻ ڀوڳي رهيا آهن ملڪ به ڀوڳي رهيو آهي. پي ٽي آءِ عمران خان جو ڪيس ڀلي وڙهي پر پهريان ايوان ۾ اچي عوام جي خدمت ڪري، حڪومت جهيڙي ۾ لڳل آهي، باهه تي تيل وجهندي رهي ته ملڪ ڪيئن هلندو.بلاول تجويز پيش ڪئي ته اهڙي ڪميٽي ٺاهيو جنهن ۾ سمورين پارٽين جا ميمبر هجن، جلسا هي به ڪندا ۽ اسان به ڪنداسين، ٻين معاملن تي پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وڃي.