پي ٽي آءِ ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي ته اسان کي به پريشاني نه آهي: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي ڳالهين ۾ دلچسپي نه آهي ته اسان کي به ڪابه پيشاني نه آهي.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير چيو ته افغانستان جي زمين تان پاڪستان جي خلاف کلي جارحيت ٿي رهي آهي، اسان جي ملڪ ۾ رتوڇاڻ ڪندڙن جون پناهه گاهون افغانستان ۾ آهن.هن چيو ته عدليه ۽ پارليامينٽ ۾ ڊيڊڪ لاڪ ختم نه ٿيو ته ان جو نتيجو آئييني ميلٽ ڊائون ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي ڳالهين ۾ دلچسپي نه آهي ته انهي سان اسان جي به ڪابه پريشاني نه آهي.ٻئي طرف خواجه آصف آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان ملاقات پڻ ڪئي. ملاقات جو اهتمام قونصليت جنرل آف پاڪستان طرفان ڪيو ويو. انهي موقعي تي خواجه آصف چيو ته پرڏيهي پاڪستانين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هميشه ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو.هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پوري دنيا جي سامهون ڪشمير ۽ فلسطين جو ڪيس پيش ڪيو. وزيراعظم ڀارتي جارحيت تي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو پيغام ڏئي قوم جي ترجماني ڪئي.