قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اهو ڪلچر بڻجي چڪو آهي ته جيڪڏهن پاڻي پيئڻ جي اجازت به وٺڻي پوي ته اها به باني عمران خان کان وٺڻ جي روايت آهي، جڏهن ته علي امين گنڊاپور ائين نه ڪندو هو.شير افضل مروت هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ ۾ هر فيصلي لاءِ عمران خان کان منظوري وٺڻي پوي ٿي، پر علي امين گنڊاپور ان روايت کان هٽي ڪري فيصلا ڪندو هو. هن ٻڌايو ته علي امين گنڊاپور جي وڏي خوبي اها هئي ته هو جلد فيصلا ڪندڙ ماڻهو هو، هفتي يا مهينا انتظار نه ڪندو هو، ۽ اهڙي خوبي مون گهٽ ماڻهن ۾ ڏٺي آهي.شير افضل مروت وڌيڪ چيو ته علي امين گنڊاپور ننڍن وڏن مسئلن جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ فيصلا ڪندو هو ۽ پوءِ بعد ۾ عمران خان کي ٻڌائيندو هو ته مون اهو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اها خوبي کيس ٻين اڳواڻن کان الڳ بڻائي ٿي، ڇو ته هو رڳو حڪم جو منتظر نه هوندو هو پر عملي طور اڳڀرو اڳواڻ هو۔