اسلام آباد: جي يو آءِ جا سپريم ڪورٽ ۾ احتجاج کان اڳ قافلا اڄ سپر هاءِ وي کان اسلام آباد جي لاءِ روانا ٿيندا. سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي لاءِ پيپلز پارٽ يجو لاهور کان قافلو اڄ اسلام آباد طرف روانو ٿيندو. ان حوالي سان سيڪريٽري اطلاعات فائزه ملڪ چيو آهي ته جيالا اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي ماڊل ٽائون سيڪريٽريٽ کان روانا ٿيندا. پ پ لاهور جي قافلي جي اڳواڻي اسلم ڪندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران پي ڊي ايم سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ مان قافلا روانگي جي لاءِ تيار ٿي ويا. قافلن جي جمع ٿيڻ جو مرڪزي پوائنٽ روهڙي انٽرچينج تي ٺاهيو ويو آهي جتي ڪراچي، حيدرآباد سميت سموري سنڌ جا قافلا جمع ٿي گڏ روانا ٿيندا.مسلم ليگ(ن) به سپريم ڪورٽ آڏو سڀاڻي پي ڊي ايم جي اعلانيل ڌرڻي لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، مريم نواز ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ اڳ ئي اسلام آباد پهتل آهي.(ن) ليگ طرفان لاهور کان اسلام آباد تائين ريلي ڪڍي ويندي. نوازليگ جي قيادت پاران اڳوڻي ايم پي ايز کي پاڻ سان گڏ وڌ کان وڌ ماڻهو وٺي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.