پکو لڳ يتيم معصوم ٻارڙي غربت کان تنگ ٿي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ بعد درد ۽ تڪليفون بيان ڪرڻ بعد اڄ خودڪشي ڪري ڇڏي.يوسي آباد جي ڳوٺ مراد علي مغيري جو يتيم ٻار راحب علي مغيري غربت کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي.خودڪشي کان اڳ ۾ معصوم ٻارڙي راحب علي سوشل ميڊيا تي ويڊيو بيان جاري ڪندي پنھنجو درد ظاھر ڪندي چيو آھي ته اسان غريب صرف ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون، اسان جو حڪمران طبقو غريبن کان ٽيڪس اوڳاڙي شاھي زندگي گذارڻ جو جتن پيا ڪن.ھن سوشل ميڊيا تي ويڊيو بيان ۾ پنھنجو درد ۽ تڪليفون ظاھر ڪندي چيو ته اسان يتيم آھيون، مانکي ٻه معصوم ڀينرون آھن، اسان جي زندگي جو گاڏو سورن سان پيو گذري. شاھي حڪمران پنھنجي پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن.ھن ويڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ته غريبن جا مليل فنڊ به وڏيرا کائي ٿا وڃن، ھتي ھرڪو پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورو آھي.