پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ عبدالستار بچاڻي بيماري وگهي 78 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو گهر ڀاتين موجب عبدالستار بچاڻي ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو سندس لاڏاڻي تي صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ضياءَ لنجار، ذوالفقار علي شاهه، نثار کهڙو ۽ وقار مهدي ڏک جي اظهار سان گڏ گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ مرحوم جي گهر ڀاتين سان گڏ آهيون، عبدالستار بچاڻي بااصول، ملنسار ۽ عوام دوست انسان هو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته جمهويت ۽ عوام جي لاءِ مرحوم عبدالستار بچاڻي جي سياسي جدوجهد ۽ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.