ڪراچي جي ميئر لاءِ چونڊ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. جنهن ۾ پ پ جو اميدوار مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو آهي.غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کنيا آهن جڏهن ته جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان کي 161 ووٽ مليا آهن. ووٽنگ جي عمل ۾ پي ٽي آءِ جا 33 ميمبر غير حاضر رهيا.ڪراچي جي ميئر لاءِ پيپلز پارٽي جو مرتضيٰ وهاب ۽ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. اليڪشن ڪميشن طرفان ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل آڊيٽوريم کي پولنگ اسٽيشن قرار ڏنو ويو. جتي ووٽنگ جي لاءِ ميمبرن جي آمد صبح 9 وڳي کان جاري هئي ۽ مختلف وقتن دوران300 کان وڌيڪ ميمبرن جي پولنگ اسٽيشن پهچڻ کان پوءِ آڊيٽوريم جا دروازا بند ڪيا ويا.ووٽنگ دوران پي ٽي آءِ ميمبرن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ٿيون جنهن ۾ هنن چيو ته اسان کي ووٽنگ جي لاءِ اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن چيو هو ته پولنگ جو عمل نجي ميڊيا ڪوريج نه ڪري سگهندو. جڏهن ته شروعاتي ڪارروائي سرڪاري ٽي وي ذريعي نشر ڪئي ويندي.پولنگ اسٽيشن ٻاهران سياسي پارٽين جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا جيڪي نعريبازي ڪري رهيا هئا.