پ پ عام چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي، ٽڪيٽ جي اميدوارن لاءِ بورڊ قائم

اسلام آباد: پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ جي اميدوارن جي حتمي فيصلي لاءِ بورڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته پ پ ضلعي تنظيمن تي ٻڌل بورڊ قائم ڪيو آهي. بورڊ ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي، فيڊرل ڪونسل ۽ صوبائي ڪائونسل جا ميمبر شامل آهن.نيئر بخاري چيو آهي ته بورڊ ۾ ضلعي تنظيم، پيپلز يوٿ ۽ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن(پي ايس ايف) جا ضلعي صدر به شامل آهن. بورڊ ۾ عورت ونگ، اقليتي ونگ ۽ ليبر ونگ جي ضلعي صدرن کي به رکيو ويو آهي.پ پ جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ضلعي بورڊ کي 15 ڏينهن اندر قومي ۽ صوبائي سيٽن لاءِ سفارشون اماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ضلعي بورڊ کي پنهنجون سفارشون پ پ جي سيڪريٽري جنرل ڏانهن اماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.