ٿاڻو بولا خان ڀرسان مزدورن جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب مزدور هاري ڪڻڪ جي ڪٽائي کان پوءِ واپس پنهنجي گهر وڃي رهيا هئا ته بدقسمت گاڏي جي بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا فوت ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. فوت ٿي ويلن جا لاش پهريان ٿاڻي بولا خان جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيا ويا جنهن کان پوءِ کين ايدهي ايمبولينس جي ذريعي حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿي ويل سمورن ماڻهن جو تعلق بدين سان ٻڌايو پيو وڃي جن جا لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ سندن اباڻي علائقي روانا ڪياويا. پوليس موجب ڪڻڪ جي ڪٽائي کان پوءِ بدين ويندڙ ڀيل برادري جا 40 کان وڌيڪ ماڻهو ٽرڪ ۾ سوار ٿي واپس اچي رهيا هئا ته ٽرڪ بريل ٿيڻ جي نتيجي ۾ کائي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي دوران ٽرڪ ۾ موجود ڪڻڪ جون ٻوريون به ڪري پيون. ٿاڻي بولاخان اسپتال ۾ طبي سهولتن جي کوٽ سبب ڪيترائي زخمي وقت تي طبي امداد نه ملڻ سبب فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ زخمي ٿيل 5 ٻارن کي سول اسپتال آندو ويو جتي 4 ٻار علاج دوران فوت ٿي ويا.