ٿرپارڪر جي جابلو علائقي ڪارونجهر تي سير لاءِ ويندڙ 12 سياح ٻوڏ وهڪرن ۾ ڦاسي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب 11 سياحن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته هڪ سياح ٻڏي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش ڪڍي وئي آهي، فوت ٿي ويل سياح جو تعلق ڪراچي جي علائقي گارڊن سان ٻڌايو پيو وڃي پوليس موجب ريسڪيو ڪيل 4 ڄڻن جو تعلق ڪراچي ۽ 7 جو مٺي سان آهي جيڪي ننگرپارڪر ۾ سياحتي هنڌ ڪارونجهر جي جبلن ۽ مايا ڊيم جي آبشار کي ڏسڻ جي لاءِ ويا هئا پوليس موجب ننگرپارڪر ۾ گذريل ڏينهن کان ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو سلسلو به جاري آهي. انتظاميه طرفان احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي به هدايت جاري ڪئي وئي آهي.