ٿيٽر مان فحاشي جو خاتمو منهنجو مشن آهي، ڌمڪين کان ڊڄڻ واري نه آهيان: عظميٰ بخاري

 پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته منهنجو مشن صرف ٿيٽر مان فحاشي جو خاتمو ڪرڻ آهي، ڪنهن جي ڌمڪين جي پرواهه نه آهي ڪنهن کان به ڊڄڻ واري نه آهيان. پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو ته ٿيٽر جو ماحول اهڙو هجڻ گهرجي جتي فيمليون ڊراما ڏسڻ اچن، ٿيٽر مالڪان ۽ فنڪارن کي سڌرڻ جي لاءِ هڪ سال ڏنو هو. هن چيو ته سمورن ٿيٽر مالڪن ۽ فنڪارن ٿيٽر کي فيملي ٿيٽر بنائڻ جي گارنٽي ڏني هئي، انهي جي باوجود جن ماڻهن ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي انهن جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن. صوبائي اطلاعات واري وزير چيو ته ٿيٽر مان بي حيائي جي خاتمي جي معاملي ۾ ڪنهن جي به سفارش قبول ناهي، انهي حوالي سان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيٽر جي نئين پاليسي بڻجي ويندي، عظميٰ بخاري چيو ته عوام به ٿيٽر مان بي حيائي جو خاتمو چاهي ٿي، ٿيٽر جي بهتري لاءِ کنيل قدمن تي عوامي رد عمل حوصلو ڏيندڙ آهي.