ڪراچي: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو شادي تي مبارڪباد ڏيندڙن جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته شادي جي موقعي تي منهنجي ڀاءُ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مون کي اسان جي ڏاڏي جو امام ضامن ٻڌو.ذوالفقار جونيئر گذريل ڏينهن پنهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو جي نڪاح جي حوالي سان سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪجهه تفصيل شيئر ڪيا. جونيئر ذوالفقار لکيو ته پنهنجي والد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان طرفان مان هن خبر کي شيئر ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته منهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو ۽ گراهم جي نڪاح جي تقريب اسان جي گهر 70 ڪلفٽن ۾ ٿي. نڪاح جي تقريب کي فاطمه جي سڀني کان وڌيڪ پسنديده جڳهه منهنجي ڏاڏي(ذوالفقار علي ڀٽو) جي لائبريري ۾ رکيو ويو. اڄڪلهه جي ڏکين حالتن ۾ اسان کي اهو سٺو محسوس نه ٿيو ته اسان شادي جي شاندار تقريب رکون. فاطمه ۽ گراهم(جبران) کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکجو.فاطمه ڀٽو به پنهنجي شادي جي حوالي سان لکيو آهي ته منهنجي ڀاءُ ذوالفقار جونيئر مون کي منهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جو امان ضامن ٻڌو، اسان جي نڪاح جي تقريب منهنجي ڏاڏي جي لائبريري ۾ ٿي جيڪو دنيا ۾ منهنجو سڀني کان وڌيڪ پسنديده هنڌ آهي. اسان جي پٺيان منهنجي ڦڦي، چاچي ۽ منهنجي والد جون ننڍپڻ جون تصويرون هيون. ان سان گڏ ئي پيپلز پارٽي جو اهو جهنڊو به موجود هو جيڪو منهنجي ڏاڏي پاڻ لڳايو. اسان شادي جي شاندار تقريب نٿي چاهي ڇو ته مون کي لگزري شادي جي تقريب پسند نه هئي. خاص ڪري اهو سڀ ڪجهه عجيب لڳندو هو ته اهڙين حالتن ۾ جڏهن سڀ پريشانين مان گذي رهيا هجن. اهڙن ڏينهن ۾ مون پنهنجي والد کي تمام گهڻو ياد ڪيو. مون کي لڳي ٿو ته اهو منهنجي دل ۾ زنده آهي. بالڪل ائين ئي محسوس ڪيو ته سڀ اتي موجود هئا. اسان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکجو. اوهان سڀني جي تمام گهڻي مهرباني.