ڀارتي اڏامن لاءِ پاڪستاني فضائي حدون وڌيڪ هڪ مهيني لاءِ بند رکڻ جو فيصلو

ڀارتي اڏامن لاءِ پاڪستاني فضائي حدون وڌيڪ هڪ مهيني لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پهلگام حملي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلڻ دوران پاڪستان 24 اپريل تي ڀارتي اڏامن جي لاءِ فضائي حدون هڪ مهيني لاءِ بند ڪري ڇڏيون هيون. پاڪستاني فضائي حدن جي بندش سبب ڀارتي ايئر لائنز کي هڪ مهيني ۾ 800 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو پر هاڻ پابندي وڌيڪ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جو اعلان اڄ يا سڀاڻي ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن کان پوءِ نوٽم جاري ڪيو ويندو. پابندي برقرار رهڻ جي صورت ۾ ڀارتي حڪومت جيڪڏهن ايئرلائن جي مطالبن موجب خصوصي مدد نه ڪئي ته انهن کي آپريشن برقرار رکڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪرڻا پئجي سگهن ٿا. فضائي حدن جي بندش سبب سڀني کان وڌيڪ ايئر انڊيا متاثر ٿي آهي جيڪا حڪومت کان امداد جو مطالبو ڪري چڪي آهي انهي کان علاوه  آڪاسائير، اسپائس جيٽ، انڊيگو ايئر ۽ ايئر انڊيا ايڪسپريس جون اڏامون به پاڪستاني فضائي حدن جي بندش سبب جزوي متاثر آهن. امرتسر، دهلي، احمد آباد، بينگلور، جي پور جي اڏامن کي لڳ ڀڳ سموري ڀارت مان سفر ڪري عرب سمنڊ وٽان گذرڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن موجب اها پابندي برقرار رهي ته ڀارتي ايئر لائنز کي ڀاڙن جي مد ۾ اضافي کان علاوه روٽس جي هيٺ مٿانهين وارن فيصلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.