سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن 48 ڪلاڪن ۾ ڀارتي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ بار طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارتي سفارتڪارن کي ناپسنديده شخصيات قرار ڏنو وڃي ۽ 48 ڪلاڪن ۾ کين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو وڃي. صدر سپريم ڪورٽ بار ميان رئوف چيو آهي ته پهلگام واقعي سبب سفارتي ڇڪتاڻ کان بخوبي واقف آهيون، قومي وقار جي تحفظ لاءِ سخت ۽ موثر جواب ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان تي ڀارتي الزام بي بنياد آهن. پهلگام واقعو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. ڀارتي فوج جي سرپرستي ۾ والاريل ڪشمير ۾ بنيادي حق پامال ڪيا پيا وڃن ۽ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جنگي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. ياد رهي ته والاريل ڪشمير ۾ پهلگام جي سياحتي هنڌ تي گذريل ڏينهن سياحن تي ٿيل حملي کان پوءِ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو ته سمورن پاڪستانين جا ڀارتي ويزا ڪينسل ڪيا پيا وڃن. ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي انهي کان علاوه ڀارت پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدو به معطل ڪري ڇڏيو آهي.