ڀارتي قبضي خلاف جدوجهد: سموري دنيا ۾ ڪشميري اڄ يوم الحاق پاڪستان ملهائي رهيا آهن

ڀارتي قبضي خلاف جدوجهد جي طور تي ڪشميري اڄ سموري دنيا ۾ يوم الحاق پاڪستان ملهائي رهيا آهن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي عروج تي آهي. ڀارت گذريل 78 سالن کان ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي انساني حقن کان محروم ڪري رکيو آهي ۽ انهي حوالي سان 19 جولاءِ جو ڏينهن آزادي ڪشمير جي تاريخ ۾ خصوصي اهميت جوڳو آهي هر سال سموري دنيا ۾ ڪشميري ۽ سمورا انسان دوست حلقا 19 جولاءِ کي(يوم الحاس پاڪستان) جي طور تي ملهائيندا آهن. 78 سال اڳ 19 جولاءِ 1947 تي خواجه غلام الدين واني ۽ عبدالرحيم واني قرارداد الحاق پاڪستان پيش ڪئي هئي. آل جمون، ڪشمير ڪانفرنس جو هنگامي اجلاس سردار محمد ابراهيم جي رهائشگاهه تي چوڌري حميدالله خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ جغرافيائي بنيادن جي بنياد تي پارٽيشن پلان جي حوالي سان قرارداد الحاق پاڪستان پيش ڪئي وئي قرارداد 58 ڪشميري اڳواڻن گڏيل طور تي آل جمون، ڪشمير ڪانفرنس جي هنگامي اجلاس ۾ منظور ڪئي. قرارداد الحاق پاڪستان جي منظوري پونچهه بغاوت ۽ انهي کان پوءِ آزاد ڪشمير جي آزادي جو سبب بڻجي. گذريل 78 سالن کان ڪشميري ڀارتي سامراج جي غيرقانوني قبضي جي خلاف آزادي لاءِ لاڳيتو جدوجهد ڪري رهيا آهن. 78 سالن کان ڪشميرين جي نسل ڪشي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته 5 لک کان وڌيڪ ڪشميري تحريڪ آزادي جي راهه ۾ شهيد ٿي چڪا آهن گڏيل قومون، ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائٽس واچ ۽ عالمي ميڊيا ڪيترائي ڀيرا ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي آواز اٿاري چڪيون آهن. گڏيل قومن جي قراردادن، ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو حق ڏين ٿيون. پاڪستان جو به اهو اصولي موقف آهي ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي. ڪشميري عوام جو پاڪستان سان گڏ الحاق ٿيڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جو ارادو آهي.