ڀارتي نوجوان شادي نه ڪرڻ تي محبوبه کي تحفي ۾ بم اماڻي ڇڏيو، ڌماڪي سبب گهوٽ مارجي ويو

نئين دهلي: محبوبه جي ڪنهن ٻئي شخص سان شادي تي ناراض ڀارتي نوجوان بدلو وٺڻ لاءِ تحفي ۾ محبوبه کي بم اماڻي ڇڏيو جنهن جي ڦاٽڻ سبب گهوٽ مارجي ويو.ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڇٽيهه ڳڙهه رياست جي ضلعي ڪبير دهار ۾ پيش آيو جتي سرجو نالي نجوان پنهنجي محبوبه جي شادي تي هوم ٿيٽر ميوزڪ سسٽم جو تحفو اماڻيو. جنهن ۾ هن بم لڪائي رکيو هو. جيئن ئي گهوٽ طرفان هوم ٿيٽر ميوزڪ سسٽم کي هلائڻ لاءِ پلڪ لڳايو ته اهو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته گهوٽ جو ڀاءُ ۽ ڏيڍ سالن جو ٻارڙو سخت زخمي ٿي پيا.پوليس موجب گهوٽ جو ڀاءُ به اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. شادي ۾ ڏنل تحفن جي لسٽ چيڪ ڪرڻ تي ڪنوار جي اڳوڻي دوست جي باري ۾ انڪشاف ٿيو. پوليس بم اماڻيندڙ نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن اعتراف ڪيو آهي ته مون پنهنجي محبوبه کان بدلو وٺڻ جي لاءِ اهڙو قدم کنيو.