پاڪستان جي وائٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن ڀارت خلاف 61 رنز جي شڪست بابت سبب بيان ڪري ڇڏيا آهن۔
ڪولمبو ۾ ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مائڪ هيسن چيو ته پهرين اننگز جي ڀيٽ ۾ ٻي اننگز ۾ بال وڌيڪ سلپ ٿي ۽ اسپن گهٽ ٿي وئي، جنهن سبب پاڪستان جي بيٽنگ متاثر ٿي۔ شروعاتي وڪيٽون جلدي ڪري پيون ۽ ڪا به وڏي پارٽنرشپ قائم نه ٿي سگهي۔
هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي مڪمل طور آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو، اڄ اسان آئوٽ پلي ٿي وياسين۔ مائڪ هيسن موجب ميچ کانپوءِ ڊريسنگ روم ۾ سڀ رانديگر مايوس ۽ ڏکيا هئا، ڇو ته پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو ڪيترو اهم هوندو آهي، اهو سڀني کي خبر آهي۔
ڀارتي بيٽسمين ايشان ڪشن جي اننگز جو خاص ذڪر ڪندي هيسن چيو ته ايشان ڪشن شاندار انداز ۾ کيڏيو، هو ٻنهي پاسي کان رنز ٺاهي سگهي ٿو، اسپنرز تي دٻاءُ وڌائيندي ميچ پاڪستان کان کسي ورتو۔
عثمان طارق بابت هيسن وضاحت ڪندي چيو ته سندس ڪردار مخصوص آهي، هو تڏهن وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي جڏهن بيٽرز هن تي حملو ڪن، تنهن ڪري کيس صحيح وقت تي آندو ويو ۽ هو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو هو۔
سلمان آغا کان پهريون اوور ڪرائڻ واري فيصلي بابت هيسن ٻڌايو ته اهو فيصلو ٽي ڏينهن اڳ ئي ڪيو ويو هو ۽ پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو درست هو، ڇو ته پهرين اننگز ۾ بال وڌيڪ اسپن ڪري رهي هئي۔
هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم گذريل ٻن مهينن کان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهي هئي ۽ لڳاتار پنج ميچون کٽيون هيون، پر اڄ پوئتي رهجي وياسين۔ ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هاڻي وڌيڪ بهتر ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي۔